Mark 7:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هن چيو تہ اوهان رياڪارن بابت يسعياہ نبيءَ ڪهڙي نہ پوري پيشنگوئي ڪري ويو آهي، جو لکيل آهي تہ ”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان رياڪارن جي بابت يسعياہ ڪھڙي نہ پيشنگوئي ڪري ويو آھي تہ ’ھيءَ قوم پنھنجن چپن سان تہ مون کي عزت ڏئي ٿي، پر ھنن جي دل مون کي نہ ٿي گھُري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي يسوع چين تہ ”ايشور اوهان پاکنڊين بابت يسعياہ سنت جي معرفت ڪيترو نہ صحيح فرمايو آهي تہ ’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي مان ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”خدا اوهان رياڪارن بابت يسعياہ نبيءَ جي معرفت ڪيترو نہ صحيح فرمايو آهي تہ ’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي عزت ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين.