Mark 8:31 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ هو اُنهن کي تعليم ڏيڻ لڳو، تہ ضروري آهي تہ ابن آدم گهڻيون سختيون سَهي، ۽ بزرگ ۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ کيس رد ڪن، ۽ هو ماريو وڃي، ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ جي اُٿي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ شاگردن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”ابنآدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي. بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪندا ۽ ماريندا. پوءِ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع پنهنجي چيلن کي سکيا ڏيندي چيو تہ ”منشپتر لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ٿي اُٿي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ” ابنِ آدم لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ٿي اُٿي.“