Mark 8:34 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هو خلق کي پنهنجن شاگردن سوڌو پاڻ وٽ سڏي چوڻ لڳو، تہ جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ عيسيٰ ميڙ کي شاگردن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان ھلڻ گھُري ٿو، تہ اھو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ يسوع ميڙ کي پنهنجي چيلن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ اهو پنهنجي آپي کي ماري ۽ پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ عيسيٰ ميڙ کي پنهنجي شاگردن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ اهو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي.