Mark 8:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ زمين تي ويهي وڃو: ۽ اُهي ست مانيون کڻي شڪر ڪري ٽڪر ٽڪر ڀڃي شاگردن کي ڏنائين تہ اڳيائن رکن؛ ۽ انهن اُهي ماڻهن اڳيان رکيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“ پوءِ ھن ستن مانين کي کڻي خدا کان انھن ۾ برڪت گھُري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ انھن جي اڳيان رکندا وڃن ۽ انھن ائين ئي ڪيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“ پوءِ هن اهي ست ئي روٽيون هٿن تي کڻي انهن ۾ ايشور کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو چيلن کي ڏيندو ويو تہ جيئن اهي ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڏيندا وڃن. چيلن ائين ئي ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“ پوءِ هن اهي ست ئي مانيون هٿن تي کڻي انهن ۾ خدا کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ جيئن اهي ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڏيندا وڃن. شاگردن ائين ئي ڪيو.