Mark 9:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هن چين تہ برابر پهريائين ايلياہ ايندو، ۽ سڀني شين کي موٽي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو: پر ابن آدم بابت ڪيئن لکيل آهي، تہ هو گهڻيون سختيون سهندو ۽ ماڻهو حقير ڪري ليکيندس؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، اھو پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو. پر صحيفي ۾ ائين بہ لکيل آھي تہ ابنآدم گھڻيون سختيون سھندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي يسوع چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پوِتر شاستر ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ منشپتر گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پاڪ ڪلام ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ ابنِ آدم گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟