Mark 9:31 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ هن پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏني ۽ چيو، تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ اُهي کيس ماري وجهندا، ۽ جڏهن هو ماريو ويندو تڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ جي اُٿندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو ھن پنھنجي شاگردن کي تعليم ڏني پئي تہ ”ابنآدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي چيلن کي سکيا ڏيندي ٻڌايو پئي تہ ”منشپتر ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏيندي ٻڌايو پئي تہ ” ابنِ آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“