Mark 9:42 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هي ننڍڙا ٻار جن جو مون تي ايمان آهي، تن مان ڪنهن کي بہ جيڪو گمراهہ ڪندو، تنهن جي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ هن جي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پڙ لڙڪائي سمنڊ ۾ اُڇلايو وڃي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”ھي ننڍڙا ٻار جن جو مون تي ايمان آھي، تن مان ڪنھن ھڪ کي بہ جيڪڏھن ڪو گمراھہ ڪندو، تنھن لاءِ چڱو تہ ائين ٿيندو تہ پنھنجي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”انهن سادن سٻاجھن پوئلڳن جن جو مون تي وشواس آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو ڀَٽڪائي ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين هو جو انهيءَ کان اڳ ۾ ئي سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ها.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”انهن سادن سٻاجھن پوئلڳن جن جو مون تي ايمان آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو گمراهہ ڪري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين هو جو انهيءَ کان اڳ ۾ ئي سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ها.