Mark 9:43 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪڏهن تنهنجو هٿ توکي ڀُلائي، تہ وڍي ڇڏينس: تنهنجي لاءِ ٽُنڊو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ، انهي کان بهتر آهي تہ ٻن هٿن سان جهنم جي اڻ وسامندڙ باهہ ۾ پوين؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن تنھنجو ھٿ تو کي گمراھہ ڪري، تہ پنھنجو اھو ھٿ ڪپي ڇڏ، ڇوتہ ٻنھي ھٿن سان جھنم جي ھميشہ ٻرندڙ باھہ ۾ پوڻ کان اھو بھتر آھي تہ ٽُنڊي ھٿ سان جنت ۾ داخل ٿئين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن تنهنجو هٿ تو کي ڀَٽڪائي، تہ پنهنجو اهو هٿ ڪپي ڇڏ، ڇو تہ ٻنهي هٿن سان نرڳ جي هميشہ ٻرندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ ٽُنڊي هٿ سان امر جيون ۾ داخل ٿئين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن تنهنجو هٿ تو کي گمراهہ ڪري، تہ پنهنجو اهو هٿ ڪپي ڇڏ، ڇو تہ ٻنهي هٿن سان دوزخ جي هميشہ ٻرندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ ٽُنڊي هٿ سان دائمي زندگيءَ ۾ داخل ٿئين.