Mark 9:47 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪڏهن تنهنجي اک توکي گمراهہ ڪري تہ ڪڍي ڇڏينس: بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاهت ۾ گهڙين؛ انهي کان تہ ٻن اکين سان جهنم ۾ وڃي پوين؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن تنھنجي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اھا اک ڪڍي ڇڏ، ڇوتہ ٻن اکين سان جھنم ۾ وڃڻ کان اھو بھتر آھي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿئين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ساڳيءَ طرح جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي ڀَٽڪائي تہ اها اک ڪڍي ڇڏ، ڇو تہ ٻن اکين سان نرڳ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿئين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي گمراهہ ڪري تہ اها اک ڪڍي ڇڏ، ڇو تہ ٻن اکين سان دوزخ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿئين.