Matthew 1:18 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي يسوع مسيح جو تولد هن طرح ٿيو: جو جڏهن هن جي ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيو، ۽ اڃا هو پاڻ ۾ گڏ نہ ٿيا هئا، تڏهن معلوم ٿيو تہ هوءَ پاڪ روح جي قدرت سان حاملہ ٿي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ مسيح جي پيدائش ھن ريت ٿي جو جڏھن سندس ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل ھو پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي ھئي تہ مريم کي معلوم ٿيو تہ کيس پاڪ روح جي قدرت سان پيٽ ٿيو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع مسيح جو جنم هن ريت ٿيو جو جڏهن سندس ماتا مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل هو، پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي هئي تہ مريم کي سڌ پيئي تہ کيس پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان پيٽ ٿيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ مسيح جي پيدائش هن ريت ٿي جو جڏهن سندس ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل هو، پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي هئي تہ مريم کي معلوم ٿيو تہ کيس پاڪ روح جي قدرت سان پيٽ ٿيو آهي.