Matthew 1:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت فڪر ۾ هو، تہ ڏسو تہ هن کي خواب ۾ خدا جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ اي دائود جا پٽ يوسف، تون مريم پنهنجي زال کي پاڻ وٽ آڻڻ کان نہ ڊڄ، ڇالاءِ جو جيڪو حمل ٿيو اٿس سو پاڪ روح جي قدرت سان آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جڏھن ھو انھن ڳالھين بابت ڳڻتيون ڪري رھيو ھو تہ ھن کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو جنھن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنھنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇالاءِجو پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ پرميشور جو هڪڙو دوت ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان کيس پيٽ ٿيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ خداوند جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آهي.