Matthew 10:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن پنهنجي ٻارهن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي کين هيءَ اختياري ڏني، تہ ڀوتن کي ڪڍن، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي مرض ۽ بيماريءَ کان شفا ڏين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ پنھنجي ٻارھن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي گڏ ڪيو ۽ کين اختياري ڏنائين تہ ڀوتن کي ڪڍين ۽ ھر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان شفا ڏين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي سڏائي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين اختياري ڏيئي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪيائين، تہ جيئن اهي ڀوتن کي ڪڍين ۽ ماڻهن کي هر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪن. انهن جا نالا هي آهن: شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، زبديءَ جا ٻہ پٽ يعقوب ۽ يوحنا،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي سڏائي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين اختياري ڏيئي رسول مقرر ڪيائين، تہ جيئن اهي ڀوتن کي ڪڍين ۽ ماڻهن کي هر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان شفا ڏين. انهن جا نالا هي آهن: شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، زبديءَ جا ٻہ پٽ يعقوب ۽ يوحنا،