Matthew 10:21 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ڀاءُ ڀاءُ کي موت لاءِ جهلائيندو، ۽ پيءُ پنهنجي ٻار کي، ۽ اولاد مائٽن جي برخلاف کڙو ٿيندو، ۽ هنن کي مارائي وجهندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو، پيءُ پنھنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو ۽ ٻار پنھنجي ماءُپيءُ کان ڦري ويندا ۽ ھنن کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ پتا پنهنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو. ٻار پنهنجي ماتا پتا جي خلاف اُٿي کڙا ٿيندا ۽ کين مارائي ڇڏيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ پيءُ پنهنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو. ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ جي خلاف اُٿي کڙا ٿيندا ۽ کين مارائي ڇڏيندا.