Matthew 10:28 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪي بدن کي ماري ٿا وجهن، پر روح کي ماري نٿا سگهن، تن کان نہ ڊڄو، پر اُنهي کان ڊڄو جو روح ۽ بدن ٻنهي کي جهنم ۾ وجهي برباد ڪري ٿو سگهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. تنھنڪري خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنھي يعني جسم ۽ روح کي ماري جھنم ۾ وجھي سگھي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو شرير کي مارين ٿا پر آتما کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران ايشور کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني شرير ۽ آتما کي ماري نرڳ ۾ وجھي سگھي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني جسم ۽ روح کي ماري دوزخ ۾ وجھي سگھي ٿو.