Matthew 10:42 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي منھنجو شاگرد سمجھي ھڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو پياريندو تہ ان کي ان جو اجر ضرور ملندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي چيلن مان ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي کي بہ منهنجو چيلو سمجھي هڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو ئي پيئاريندو تہ هن کي انهيءَ جو لاڀ ضرور ملندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي شاگردن مان ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي کي بہ منهنجو شاگرد سمجھي هڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو ئي پيئاريندو تہ هن کي انهيءَ جو اجر ضرور ملندو.“