Matthew 10:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
بيمارن کي شفا ڏجو، مئلن کي جيئارجو، ڪوڙهين کي ڇُٽائي صاف ڪجو، ڀوت ڪڍجو، مفت مليو اٿوَ، مفت ڏجو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارن کي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍجو. اوھان کي مفت ۾ مليو آھي تنھنڪري اوھين بہ مفت ۾ ڏجو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ مئلن کي جيوت ڪجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پوِتر ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.