Matthew 11:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع پنهنجن ٻارهن شاگردن کي حڪم ڏيئي چڪو، تڏهن اُتان روانو ٿيو، تہ وڃي سندن شهرن ۾ تعليم ڏيئي ۽ منادي ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھدايتون ڏيئي چڪو تہ ھو اتان روانو ٿي ويو، تہ جيئن ويجھن شھرن ۾ وڃي تعليم ڏئي ۽ تبليغ ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي هدايتون ڏيئي چڪو تڏهن هو اتان روانو ٿيو، تہ جيئن ويجھن شهرن ۾ وڃي سکيا ڏئي ۽ پرچار ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي هدايتون ڏيئي چڪو تڏهن هو اتان روانو ٿيو، تہ جيئن ويجھن شهرن ۾ وڃي تعليم ڏئي ۽ تبليغ ڪري.