Matthew 11:19 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ابن آدم کائيندو پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ ڏسو پيٽير ۽ شرابي، محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن جو دوست! پر ڏاهپ پنهنجن ڪمن جي ڪري سچي ثابت ٿي ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ابن⁠آدم تہ کائيندو پيئندو آيو آھي، تنھنڪري ھر ڪو پيو چوي تہ ’ڏسو، ھو پيٽو ۽ شرابي آھي، محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو دوست آھي.‘ خدا جي سياڻپ تہ سندس ڪمن مان ئي سچي ثابت ٿئي ٿي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر منش‌پتر کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي پاپين جو دوست آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي ايشور جي ڏاهپ سچي ثابت ٿئي ٿي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي خدا جي حڪمت سچي ثابت ٿئي ٿي.“