Matthew 11:23 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي ڪفرناحوم، تون آسمان تائين چاڙهيو ويندين ڇا؟ تون هيٺ مئلن جي عالم ۾ لهي اچي پوندين، ڇالاءِ جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم ۾ ڪيا وڃن ها تہ جيڪر اڄ تائين اُهو قائم رهي ها.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ بلڪل نہ، پر اٽلندو تون پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين. ڇالاءِجو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن سدوم شھر ۾ ڪيا وڃن ھا تہ اھو جيڪر اڄ ڏينھن تائين قائم ھجي ھا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آڪاش کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم شهر ۾ ڪيا وڃن ها تہ اهو بہ جيڪر اڄ ڏينهن تائين قائم هجي ها.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آسمان کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم شهر ۾ ڪيا وڃن ها تہ اهو بہ جيڪر اڄ ڏينهن تائين قائم هجي ها.