Matthew 12:1 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهيءَ مهل سبت جي ڏينهن، يسوع اَن جي پوکن منجهان پئي لنگهيو؛ ۽ سندس شاگرد، جي بکايل هئا، سي اَن جا سنگ پَٽي کائڻ لڳا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ان کان پوءِ ستت ئي سبت جي ڏينھن عيسيٰ اَنَ وارين ٻنين مان پئي لنگھيو تہ ھن جي شاگردن کي بک لڳي ۽ ھو اَن جا سنگ پٽي کائڻ لڳا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ يسوع سبت جي ڏينهن اناج وارين ٻنين مان لنگھي رهيو هو. جيئن تہ هن جي چيلن کي بک لڳي هئي، سو اهي اناج جا سنگ پٽي کائڻ لڳا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ سبت جي ڏينهن اناج وارين ٻنين مان لنگھي رهيو هو. جيئن تہ هن جي شاگردن کي بک لڳي هئي، سو اهي اناج جا سنگ پٽي کائڻ لڳا.