Matthew 12:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڏسو، اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو هٿ سُڪل هو. ۽ هنن پڇيس تہ سبت جي ڏينهن بيمارن کي ڇُٽائڻ روا آهي يا نہ؟ انهي لاءِ تہ هو مٿس تهمت آڻين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اُتي ھڪڙو سڪل ھٿ وارو ماڻھو ھو. جڏھن تہ اُتي ڪي اھڙا فريسي بہ ھئا جيڪي چاھين پيا تہ عيسيٰ ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تھمت ھڻن. تنھنڪري انھن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينھن شفا ڏيڻ جائز آھي؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو هو. ڪي اهڙا فريسي بہ موجود هئا جيڪي چاهين پيا تہ يسوع ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تهمت هڻن. سو انهن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جائز آهي؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو هو. ڪي اهڙا فريسي بہ موجود هئا جيڪي چاهين پيا تہ عيسيٰ ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تهمت هڻن. سو انهن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينهن شفا ڏيڻ جائز آهي؟“