Matthew 12:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ يسوع اها ڳالهہ سهي ڪري اُتان نڪري ويو: ۽ گهڻا سندس پٺيان ويا؛ ۽ هن اُنهن سڀني کي شفا ڏني،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ ھو اتان روانو ٿي ويو. ڪيئي ماڻھو سندس پٺيان ھليا، انھن ۾ جيڪي بيمار ھئا تن سڀني کي شفا ڏنائين،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن يسوع کي فريسين جي سازشن جي سڌ پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن عيسيٰ کي فريسين جي سازشن جي خبر پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن شفا ڏني