Matthew 12:25 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن سندن خيال سهي ڪري چين، تہ هرڪا بادشاهت جنهن ۾ ڦوٽ ٿي پوي سا برباد ٿيو وڃي، ۽ هرڪو شهر يا گهر جنهن ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي سو جٽاءُ نہ ڪندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ انھن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنھن بہ بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوي ٿو سا برباد ٿيندي ۽ جنھن بہ شھر يا گھر ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سو بہ ھلي نہ سگھندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع انهن جي خيالن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بہ راڄ ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سو برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن بہ شهر يا گھر ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو سو بہ هلي نہ ٿو سگھي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ انهن جي خيالن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بہ بادشاهت ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سا برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن بہ شهر يا گھر ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو سو بہ هلي نہ ٿو سگھي.