Matthew 12:29 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يا ڪو ڪنهن طاقتور ماڻهوءَ جي گهر ۾ گهڙي، کيس ٻَڌڻ کانسواءِ سندس مال متاع ڦري سگهندو ڇا؟ پر پهرين اُنهي طاقتور ماڻهوءَ کي ٻَڌي پوءِ هو هن جو گهر ڦريندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪوبہ ماڻھو ڪنھن طاقتور ماڻھوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين ھو پھريائين اُن طاقتور ماڻھوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنھن کان پوءِ ئي ھو سندس گھر ڦُري سگھندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڪوبہ ماڻهو ڪنهن ٻلوان ماڻهوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين هو ان ٻلوان ماڻهوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنهن کان پوءِ ئي هو سندس گھر ڦُري سگھندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڪوبہ ماڻهو ڪنهن طاقتور ماڻهوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين هو ان طاقتور ماڻهوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنهن کان پوءِ ئي هو سندس گھر ڦُري سگھندو.