Matthew 12:32 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪو بہ ابن آدم جي برخلاف ڪي چوندو، تنهن کي اُهو معاف ٿيندو: پر جيڪو بہ پاڪ روح جي برخلاف ڪي چوندو، تنهن کي نڪي هن جهان ۾، نڪي ايندڙ جهان ۾ اُهو معاف ٿيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ڪو ابنآدم جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس بخش ٿي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس نڪي ھن جھان ۾ ۽ نہ وري ايندڙ جھان ۾ بخشيو ويندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ڪو منشپتر جي خلاف ڪجھہ ڳالهائي ٿو تہ کيس معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪڏهن ڪو پوِتر آتما جي خلاف ڪجھہ ڳالهائيندو تہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ نہ بخشيو ويندو، نہ هن انتم زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪو ابنِ آدم جي خلاف ڪجھہ ڳالهائي ٿو تہ کيس معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪڏهن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالهائيندو تہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ نہ بخشيو ويندو، نہ هن آخري زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾.“