Matthew 12:45 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن هو وڃي پاڻ کان بڇڙا ست ٻيا ڀوت پاڻ سان وٺي ٿو اچي، ۽ اُهي اندر گهڙي اتي وڃي رهن ٿا؛ ۽ انهي ماڻهو جي پوئين حالت پهرينءَ کان بہ خراب ٿي ٿئي. هن بڇڙي زماني وارن سان بہ ساڳيو اهڙو ئي حال ٿيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ ھو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اُھي اُن ماڻھوءَ ۾ داخل ٿي اُتي رھن ٿا ۽ اُن جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي. سو ھن بڇڙي زماني جي ماڻھن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو. اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ ان جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي. سو هن زماني جي بڇڙن ماڻهن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو. اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ ان جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ بدتر ٿي پوي ٿي. سو هن زماني جي بڇڙن ماڻهن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“