Matthew 12:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جيڪڏهن اوهان کي هن جي معنيٰ جي خبر هجي ها، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني، تہ جيڪر اوهين بي ڏوهين کي ڏوهاري نہ سمجهو ها،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھو لکيل آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي.‘ جيڪڏھن اوھين ھن جي صحيح معنيٰ سمجھو ھا تہ بي⁠ڏوھين کي ڏوھي نہ سمجھو ھا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’مون کي جانورن جو ٻليدان نہ، پر ديا پسند آهي.‘ جيڪڏهن اوهين هن جي صحيح معنيٰ سمجھو ها تہ بي‌ڏوهين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو ها.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي.‘ جيڪڏهن اوهين هن جي صحيح معنيٰ سمجھو ها تہ بي‌ڏوهين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو ها.