Matthew 13:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اُنهن جي لاءِ يسعياهہ نبيءَ جي پيشنگوئي اچي پوري ٿي، جنهن ۾ چيل آهي تہ ”ٻُڌندي اوهين ٻُڌندا، پر ڪنهن بہ طرح سمجهندا ئي ڪين، ۽ ڏسندي اوهين ڏسندا، پر ڪنهن بہ طرح پروڙيندا ئي ڪين:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چوايو ھو سو سچو ثابت ٿيو تہ ’اوھين ٻڌندا تہ سھي پر سمجھندا ڪين، اوھين نھاريندا تہ سھي پر ڏسندا ڪين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت ايشور جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي ٿو تہ ’”اوهين ٻڌندا تہ رهندا پر سمجھندا هرگز ڪين، اوهين ڏسندا تہ رهندا پر سڃاڻيندا هرگز ڪين.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي ٿو تہ ’”اوهين ٻڌندا تہ رهندا پر سمجھندا هرگز ڪين، اوهين ڏسندا تہ رهندا پر سڃاڻيندا هرگز ڪين.“