Matthew 13:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇوتہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا، سي گهڻن ئي نبين ۽ راستبازن ڏسڻ گهريون، پر نہ ڏٺائون؛ ۽ جيڪي ڳالهيون اوهين ٻُڌو ٿا، سي ٻُڌڻ گهريائون، پر نہ ٻڌائون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪيترن نبين ۽ نيڪن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٻڌو ٿا سو ھو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪيترن ئي سنتن ۽ ٻين نيڪن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٻڌو ٿا سو هو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ڪيترن ئي نبين ۽ ٻين نيڪن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٻڌو ٿا سو هو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“