Matthew 13:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪو ڪنڊين ۾ پوکيو ويو هو سو اُهو آهي، جو ڪلام ٻڌي ٿو پر دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گهُٽيو ڇڏي، ۽ اُهو ڦل جهلڻ کان رهجيو وڃي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪانڊيرا جن ۾ داڻا ڪريا تن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام تہ ٻڌن ٿا پر ھن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي سنديش تہ ٻڌن ٿا پر هن سنسار جي چنتا ۽ دولت جو فريب سنديش کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي پيغام تہ ٻڌن ٿا پر هن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب پيغام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.