Matthew 13:33 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
وري هن ٻيو مثال چئي ٻڌاين، تہ آسمان جي بادشاهت خمير مثل آهي، جو ڪنهن زال کڻي اٽي جي ٽن ماڻن ۾ ملايو، تان جو اُهو سڀ خميرجي پيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت خميري مثل آھي، جيڪو ڪنھن عورت کڻي اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع انهن کي هڪڙو ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آڪاش جو راڄ خمير مثل آهي، جيڪو ڪنهن ناريءَ کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ انهن کي هڪڙو ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهي خمير مثل آهي، جيڪو ڪنهن عورت کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“