Matthew 13:54 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ پنهنجي وطن ۾ اچي ماڻهن کي سندن عبادتخاني ۾ تعليم ڏنائين، جنهنڪري هو عجب ۾ پئي چوڻ لڳا، تہ هن ماڻهوءَ کي هيءَ دانائي ۽ معجزا ڪٿان آيا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
۽ موٽي پنھنجي شھر ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادتخاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ ھن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”ھن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اھڙي طاقت ڪٿان حاصل ڪئي آھي؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
۽ موٽي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو، جتي سندن ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو. جن بہ هن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”هن ايڏي سياڻپ ۽ چمتڪار ڪرڻ جي اهڙي شڪتي ڪٿان حاصل ڪئي آهي؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ موٽي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادتخاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ هن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”هن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اهڙي قدرت ڪٿان حاصل ڪئي آهي؟