Matthew 14:13 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جڏهن يسوع اُها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اُتان نڪري ٻيڙيءَ ۾ اڪيلو هڪڙي ويران هنڌ ويو: ۽ جڏهن ماڻهن کي انهي جي خبر پيئي، تڏهن اُهي شهرن مان پيرين پنڌ سندس پٺيان آيا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ اڪيلو ئي ھڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي نويڪلي جڳھہ ڏانھن روانو ٿي ويو. جڏھن ماڻھن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ پنھنجا شھر ڇڏي پيرين پيادا ھن جي پٺيان ھليا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن يسوع اها خبر ٻڌي تڏهن ڪجھہ وقت اڪيلائيءَ ۾ رهڻ لاءِ هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي چيلن سميت ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن ماڻهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ پنهنجا شهر ڇڏي پيرين پيادا هن جي پٺيان هليا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن عيسيٰ اها خبر ٻڌي تڏهن ڪجھہ وقت اڪيلائيءَ ۾ رهڻ لاءِ هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي شاگردن سميت ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن ماڻهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ پنهنجا شهر ڇڏي پيرين پيادا هن جي پٺيان هليا.