Matthew 14:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن سانجهي ٿي تڏهن شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس، تہ هيءُ هنڌ ويران آهي، ۽ ويل بہ ٽري ويئي آهي؛ سو ماڻهن کي موڪل ڏي تہ ڳوٺن ۾ وڃي پنهنجي لاءِ کاڌو خريد ڪن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن شام ٿي تہ سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آھي ۽ ھتي اسين سڃي ھنڌ ۾ آھيون. سو ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ ڀل ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃي پنھنجي لاءِ ڪجھہ وٺي کائين.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن شام ٿي تہ سندس چيلا وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي ۽ هتي اسين ويران هنڌ تي آهيون. سو ماڻهن کي آگيا ڏيو تہ ڀل ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي پنهنجي لاءِ ڪجھہ وٺي کائين.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن شام ٿي تہ سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي ۽ هتي اسين ويران هنڌ تي آهيون. سو ماڻهن کي موڪل ڏيو تہ ڀل ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي پنهنجي لاءِ ڪجھہ وٺي کائين.“