Matthew 14:19 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ميڙاڪن کي حڪم ڏنائين تہ گاهہ تي ويهي وڃو: ۽ اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي، آسمان ڏي نهاري، برڪت گهُري مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، ۽ شاگردن وري ماڻهن کي ڏنيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن ماڻھن کي بہ چيو تہ ”گاھہ تي ويھي رھو.“ پوءِ ھن پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين ۽ مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، جيڪي اھي ماڻھن کي ڏيندا ويا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن ماڻهن کي بہ چيو تہ ”گاهہ تي ويهي رهو.“ تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آڪاش ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ هن روٽيون ڀڃي چيلن کي ڏنيون ۽ هو اهي مڇيءَ سان گڏ ماڻهن کي ڏيندا ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن ماڻهن کي بہ چيو تہ ”گاهہ تي ويهي رهو.“ تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ هن مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنيون ۽ هو اهي مڇيءَ سان گڏ ماڻهن کي ڏيندا ويا.