Matthew 15:30 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ وڏا ميڙاڪا وٽس آيا، جن منجهہ منڊا، انڌا، گونگا، ٽنڊا ۽ ٻيا بہ گهڻا هئا، ۽ اُنهن کي يسوع جي پيرن وٽ رکندا ويا؛ ۽ هن کين ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ماڻھن جا وڏا ميڙ وٽس آيا جن پاڻ سان منڊا، انڌا، ٽُنڊا، گونگا ۽ ٻيا ڪيترا ئي بيمار آندا. انھن کي عيسيٰ جي پيرن وٽ ويھاريائون ۽ ھن کين شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ماڻهن جا وڏا ميڙ وٽس آيا جن پاڻ سان منڊا، انڌا، ٽُنڊا، گونگا ۽ ٻيا ڪيترائي بيمار آندا. انهن کي يسوع جي پيرن وٽ ويهاريائون ۽ هن کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ماڻهن جا وڏا ميڙ وٽس آيا جن پاڻ سان منڊا، انڌا، ٽُنڊا، گونگا ۽ ٻيا ڪيترائي بيمار آندا. انهن کي عيسيٰ جي پيرن وٽ ويهاريائون ۽ هن کين شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.