Matthew 15:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر اوهين ٿا چئو، تہ جيڪو پنهنجي پيءُ يا پنهنجي ماءُ کي چوندو، تہ جنهن شيءِ مان توکي منهنجي هٿان فائدو رسي ها سا خدا جي نذر ٿي چڪي؛ سو ڀلي پنهنجي پيءُ کي عزت نہ ڏئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اوھين ماڻھن کي سيکاريو ٿا تہ جيڪڏھن ڪنھن وٽ ڪا اھڙي شيءِ آھي جنھن سان ھو پنھنجي پيءُ يا ماءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر ھو چوي ٿو تہ ’اھا خدا جي نذر ٿي چڪي آھي،‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اوهين ماڻهن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا اهڙي شيءِ آهي جنهن سان هو پنهنجي ماتا يا پتا جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر هو چوي ٿو تہ ”اها ايشور جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي،“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اوهين ماڻهن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا اهڙي شيءِ آهي جنهن سان هو پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر هو چوي ٿو تہ ”اها خدا جي نذر ٿي چڪي آهي،“