Matthew 16:19 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
آئون توکي آسمان جي بادشاهت جون ڪنجيون ڏيندس، ۽ جيڪي تون زمين تي ٻڌندين سو آسمان ۾ ٻڌبو، ۽ جيڪي تون زمين تي ڇوڙيندين سو آسمان ۾ ڇوڙيو ويندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ تو کي آسمان واري بادشاھت جون ڪنجيون ڏيندس ۽ جنھن ڳالھہ جي تون زمين تي منع ڪندين تہ بھشت ۾ بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنھن ڳالھہ جي تون زمين تي اجازت ڏيندين تہ بھشت ۾ بہ ان جي اجازت ڏني ويندي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ آڪاش جي راڄ جون چاٻيون تنهنجي حوالي ڪندس. سو جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي منع ڪندين، تنهن جي آڪاش کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي آگيا ڏيندين، تنهن جي آڪاش کان بہ آگيا ڏني ويندي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ آسمان جي بادشاهيءَ جون چاٻيون تنهنجي حوالي ڪندس. سو جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي منع ڪندين، تنهن جي عرش عظيم کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي اجازت ڏيندين، تنهن جي عرش عظيم کان بہ اجازت ڏني ويندي.“