Matthew 16:21 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي وقت کان وٺي يسوع پنهنجي شاگردن کي ٻڌائڻ لڳو تہ ضرور آهي تہ آئون يروشلم ۾ وڃان، ۽ بزرگن ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي هٿان گهڻيون سختيون سهان، ۽ ماريو وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي اُٿان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ وقت کان پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي کليو کلايو چئي ڇڏيو تہ ”آءٌ يروشلم ضرور ويندس ۽ اتي بزرگن، سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جون گھڻيون سختيون سھندس. مون کي ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندس.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي چيلن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريو وڃان.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃان.“