Matthew 16:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ پطرس هن کي پاسي تي وٺي ڇينڀي چوڻ لڳو تہ اي خداوند، خدا خير ڪري، تو سان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ سختيءَ سان چوڻ لڳس تہ ”اي خداوند! خدا خير ڪري، شل تو سان ائين نہ ٿئي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهيءَ تي جھڻڪ ڏيندي چيائينس تہ ”اي پرڀو! شل اوهين سلامت رهو ۽ اوهان سان ائين نہ ٿئي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهيءَ تي جھڻڪ ڏيندي چيائينس تہ ”اي خداوند! شل اوهين سلامت رهو ۽ اوهان سان ائين نہ ٿئي.“