Matthew 17:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو، ۽ سندس پوشاڪ روشنيءَ جهڙي نوراني ٿي پيئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيئن ئي ھنن عيسيٰ ڏانھن نھاريو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ ھن جو منھن سج وانگر چمڪڻ لڳو. سندس پوشاڪ نوراني ٿي ويئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي يسوع جو روپ بدلجي ويو. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.