Matthew 17:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر متان اسين کين گمراهہ ڪريون، تنهنڪري تون سمنڊ ۾ وڃي ڪُنڍي وجهہ، ۽ جيڪا مڇي پهرين نڪري سا کڻ؛ ۽ جڏهن اُنهي جو وات پَٽيندين، تڏهن هڪڙو مشقال ملندءِ. سو کڻي وڃي منهنجي لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ هنن کي ڏي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اسين ھنن ماڻھن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاھيون. تنھنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پھرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو ھڪ وڏو سڪو ڏسندين. اھو کڻي وڃي منھنجي ۽ پنھنجي پاران ھنن کي ھيڪل جو محصول ڏي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اسين هنن ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاهيون. تنهنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پهرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو هڪ وڏو سڪو ڏسندين. اهو کڻي وڃي منهنجي ۽ پنهنجي پاران هنن کي هيڪل جي ٽيڪس طور ڏي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)