Matthew 18:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڏسو متان هن ننڍڙن مان ڪنهن کي حقير ڪري ڄاڻو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”ڏسو، متان ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي خسيس ڪري سمجھو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ ھنن جا ملائڪ ھر وقت منھنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رھن ٿا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آڪاش ۾ هنن جا دوت هر وقت منهنجي آڪاش واري پتا جي شرڻ ۾ حاضر رهن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ هنن جا ملائڪ هر وقت منهنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رهن ٿا.