Matthew 18:35 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
سو جيڪڏهن اوهان مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي دليون جانيون معاف نہ ڪندو، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو بہ اوهان سان انهي طرح ڪندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھڙيءَ⁠ طرح منھنجو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان سان ڪندو، جيڪڏھن اوھين پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان نہ بخشيندءُ.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”ساڳيءَ طرح جيڪڏهن اوهين پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان معاف نہ ڪندا، تہ منهنجو آڪاش وارو پتا بہ اوهان سان ائين ئي ڪندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”ساڳيءَ طرح جيڪڏهن اوهين پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان معاف نہ ڪندا، تہ منهنجو آسمان وارو پيءُ بہ اوهان سان ائين ئي ڪندو.“