Matthew 18:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
گمراهيءَ ڪري دنيا تي افسوس آهي! ڇالاءِ جو گمراهي تہ ضرور ٿيندي: پر افسوس اُنهي ماڻهو تي جو گمراهہ ٿو ڪري!
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن دنيا کي حيف آھي، جنھن جون شيون ماڻھن کي گمراھہ ٿيون ڪن. گمراھي تہ ضرور ٿيندي پر مصيبت آھي اُن ماڻھوءَ لاءِ جنھن جي وسيلي گمراھي ٿئي ٿي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
حيف آهي هن سنسار تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿيون. ماڻهو ڀَٽڪي تہ ضرور ويندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو ڀَٽڪي وڃي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
حيف آهي هن دنيا تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي گمراهہ ٿيون ڪن. ماڻهو گمراهہ تہ ضرور ٿيندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو گمراهہ ٿئي ٿو.