Matthew 18:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا تنهنجو پير توکي گمراهہ ڪري تہ اُهو پاڻ وٽان وڍي اُڇلائي ڇڏ: ٻن هٿن ۽ ٻن پيرن سان هميشہ جي باهہ ۾ پوڻ کان تنهنجي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ ٽُنڊو يا منڊو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن تنھنجو ھٿ يا پير تو کي گمراھہ ڪري تہ اھو ڪپي پري اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِجو ٻنھي ھٿن يا پيرن سان دائمي باھہ ۾ پوڻ کان اھو بھتر آھي تہ تون ٽُنڊو يا منڊو جنت ۾ داخل ٿئين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا پير تو کي ڀَٽڪائي تہ اهو ڪپي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻنهي هٿن يا پيرن سان ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ٽُنڊو يا منڊو ٿي امر جيون ۾ داخل ٿئين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا پير تو کي گمراهہ ڪري تہ اهو ڪپي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻنهي هٿن يا پيرن سان ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ٽُنڊو يا منڊو ٿي دائمي زندگيءَ ۾ داخل ٿئين.