Matthew 18:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جي تنهنجي اک توکي گمراهہ ڪري تہ اُها پاڻ وٽان ڪڍي اُڇلائي ڇڏ: ٻن اکين سان جهنم جي باهہ ۾ پوڻ کان تنهنجي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ ڪاڻو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن تنھنجي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اُھا ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِجو ٻن اکين سان جھنم جي باھہ ۾ پوڻ کان اھو بھتر آھي تہ تون ڪاڻو ئي جنت ۾ داخل ٿئين.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي ڀَٽڪائي تہ اُها ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻن اکين سان نرڳ جي باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي امر جيون ۾ داخل ٿئين.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي گمراهہ ڪري تہ اُها ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻن اکين سان دوزخ جي باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي دائمي زندگيءَ ۾ داخل ٿئين.“