Matthew 19:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو ڪي خوجا آهن، جي ماءُ جي پيٽان ئي اهڙا ڄاوا، ۽ ڪي خوجا آهن جن کي ماڻهن خوجو ڪيو، ۽ ڪي خوجا آهن جن پاڻ کي آسمان جي بادشاهت لاءِ خوجو ڪيو. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگهي، سو ڀلي تہ قبول ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو ڪي سبب آھن جو ماڻھو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي کدڙا آھن، ڪن کي ماڻھن کدڙو ڪيو آھي ۽ ڪي آسمان واري بادشاھت جي لاءِ کدڙا ٿيا آھن. جيڪو اھا ڳالھہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇاڪاڻ تہ ڪي سبب آهن جو ماڻهو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي نامرد آهن، ڪن کي ماڻهن نامرد ڪيو آهي ۽ ڪي آڪاش جي راڄ جي لاءِ پنهنجي شرير واري خواهش کي مارين ٿا. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇاڪاڻ تہ ڪي سبب آهن جو ماڻهو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي نامرد آهن، ڪن کي ماڻهن نامرد ڪيو آهي ۽ ڪي آسمان جي بادشاهيءَ جي لاءِ پنهنجي نفس کي مارين ٿا. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“