Matthew 19:21 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يسوع چيس تہ جي ڀانئين تہ ڪامل ٿيان، تہ وڃي جيڪي تو وٽ آهي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، تہ پوءِ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجي پيروي ڪر.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنھنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو ۽ پوءِ اچي منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع هن کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر، تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ هن کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ خيرات ڪر، تڏهن خدا وٽ تو کي خزانو ملندو. سو خيرات ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“