Matthew 19:24 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
وري بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهت ۾ دولتمند ماڻهوءَ جي گهڙڻ کان، سئيءَ جي پاکي مان اُٺ جو لنگهڻ سولو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“